اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون ڇوٽ نه ٿو وٺڻ چاهيان، پاڪستان جي ??ئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي، ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهن ٿا ۽ ان دوران گواهه لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا، ڪا??ذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون، آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ڇوٽ نه وٺندي دهشتگردي جي ??اتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيو. دهشتگردي جي ??اتمي واري عدالت جي ??ج محمد علي وڙائچ ٻڌڻي ڪئي. صدر 2016ع جي پنهنجي ??لاف هٿيارن واري ڪيس ۾ عدالت ۾ حاضرو ٿيو. صدر صدارتي ڇوٽ نه وٺي عدالت آڏو پيش ٿيڻ جي ??رخواست ڪئي هئي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهيرالدين بابر اعواڻ وڪيل طور عدالت ۾ پيش ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بابر اعواڻ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ هڪ مثال قائم ڪرڻ چاهيان ٿو. آئون صدارتي ڇوٽ ختم ڪرائڻ چاهيان ٿو ان لاءِ پيش ٿيس. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ سڀ عدالتن جو احترام ڪن. جيستائين امير غريب سڀ برابر نه ٿيندا انصاف نه ٿيندو. آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. هتي ڪيس نسلن سان گڏ هلندا رهن ٿا. صدر چيو ته ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهندا آهن، ان دوران گواهه مري وڃن ٿا، ڪا??ذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون. مون اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيترا خليفا آيا اهي عدالتن ۾ و??ي باوقار انداز سان پيش ٿيا، ڇوٽ جي گنجائش نه آهي، پاڪستان جي ??ئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي. مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون اها ڇوٽ وٺڻ نه ٿو چاهيان. 2016ع ۾ مون تي الزام هنيو ويو هو، انهي عدالت کان ضمانت به ورتي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي گاڏي پاڻ هلائي عدالت مان واپس روانو ٿيو. صدر جي ??چڻ کان اڳ ڪا اضافي سيڪيورٽي، نفري يا روٽ نه لڳايو ويو.