اسلام آ??اد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گفتگو دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملائيشين هم منصب سيف الدين عبدالله سان ڳالهائيندي پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ موقف ۾ هم آهنگي، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، پرڏيه?? وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيه?? وزير ملائيشين هم منصب کي اسلام آ??اد ۾ منعقد، او آ??ِ سي پرڏيه?? وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو، جمهوريه انڊونيشيا جي پرڏيه?? وزير ريٽنو مرسودي سان ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي پرڏيه?? وزيرن گڏيل دلچسپي جي وسيع موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هن سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن سان گڏوگڏ گڏيل قومن، آسيان، او آ??ِ سي ۽ ٻين گهڻ رخي فورمن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي پرڏيه?? وزيرن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي، گڏيل مفادن جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. انڊونيشيا جي پرڏيه?? وزير، پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي انڊونيشيا جي دوري جي دعوت ڏني، دعوت قبول ڪندي پرڏيه?? وزير گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي انڊونيشيا جو دورو ڪرڻ جي حامي ڀري.