اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته غير ملڪي طاقتن کي پاڪستان ۾ سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي جو ڪو به حق نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي جي حوالي سان ملندڙ غير ملڪي ڌمڪي وا??ي خط تي بريفنگ ڏني ويندي. هن چي?? ته غير ملڪي طاقتن کي پاڪستان ۾ سازش جي ذريعي حڪومت جي تبديلي جو ڪو به حق ح??صل نه آهي، پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين.