اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 1998ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ??ٻاءُ ۽ لالچ کي رد ڪندي پاڪستان کي دنيا جو ايٽمي طاقت بڻائي ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته 1998ع ۾ اڄوڪي ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ??ليراڻي قيادت جو مظاهرو ڪندي دٻاءُ ۽ ڌمڪين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان کي دنيا جي ايٽمي طاقت بڻايو. وزيراعظم چي?? ته هاڻي اسان ملڪ کي معاشي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، وزيراعظم چي?? ته هو انهن سڀني ماڻهن جو ٿورائتو آهي جن ملڪي دفاع کي ناقابل يقين بڻائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي. هن چي?? ته قوم کي يوم تڪبير مبارڪ هجي.