لاهور – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراع??م شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي غيرمعمولي صورتحال ۾ صنعتي ۽ درآمدي شعبي جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پ??ش ڪري سگهجي ٿو، رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن برآمدات جي پي??اواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ معاون ا??ڊس??ريل ۽ برآمدي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انرجي ڊويزن واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ڪامرس واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، ا??ڊس??ريز واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، قانون واري صوبائي وزير ملڪ احمد خان، لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن ۽ تيڪسٽائيل سيڪٽر جي ناليوارين ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراع??م شهباز شريف ا??ڊس??ريل ۽ خاص طور تي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي انرجي سپلائي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ بزنس مين جي نمائنده گروپ کي لاڳاپيل وزيرن سان فوري طور تي ملاقات ۾ مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراع??م شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ا??ڊس??ريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي مسئلن جي جامع ۽ موزون قدمن ذريعي فوري حل ۾ پاڪستان جي معاشي بقاءَ لڪل آهي. وزيراع??م شهباز شريف چيو ته معاشي طور تي غيرمعمولي صورتحال ۾ ا??ڊس??ريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پ??ش ڪري سگهجي ٿو. وزيراع??م شهباز شريف رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي ته جيئن برآمدات جي پي??اواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي.