اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پ??ويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان جو آزادي جو ڏهاڙو اسان کي پنهنجي وڏن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو. تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ محترمه فا??مه جناح، بيگم رعنا لياقت علي خان سميت ٻين عورتن جو ڪردار تحسين لائق آهي. قومي اسيمبلي هال ۾ ڊائم??ڊ جوبلي تقريبن جي حوالي سان منعقد ڪيل عورت ڪنوينشن جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ ڊائم??ڊ جوبلي ڪنوينشن آف وومين پارليامينٽرين پروگرام جو حصو بڻجڻ تي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. هن وومين پارليامينٽري ڪاڪس جي سيڪريٽري شاهده رحماني کي عورت پارلياماني ميمبرن جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ بااختيار پليٽ فارم مهيا ڪرڻ تي ??بارڪباد پيش ڪئي.