اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ واري پاڻي بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ض??يع ٿيون آهن. ٻوڏ متاثرن کي فوري خوراڪ، ??بي امداد ۽ خشڪ راشن جي سخت ضرورت آهي،. پاڪ فصائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ??يس??يو ۽ رليف جي عمل ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي رهي آهي. پاڪ فضائيه جا هيلي ڪاپٽر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ سان گڏوگڏ خوراڪ ۽ ??بي سامان پهچائڻ ۾ به سرگرم عمل آهن. مسلسل خوراڪ ۽ ??بي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ??لڊ رليف ڪيمپ ۽ سيف ٽينٽ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب گذر??ل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ٽيمن 26125 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 1000 پاڻي جون بوتلون، بنيادي کاڌي پتي جي شين تي ٻڌل 2475 خشڪ راشن جا پيڪٽ ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايا آهن ان سان گڏ 1437 خيما لڳايا ويا آهن جيڪي 11720 ماڻهن کي امداد فراهم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مفت خوراڪ ۽ رهائش کانسواءِ پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ 2810 مريضن جو ??بي معائنو به ڪيو.