نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ ي?? جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گروپ آف فرينڊز آف دي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو (جي ڊي آءِ) جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب جي ڊي آءِ جي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع تي ڏني هئي. پا??ستان 50 کان وڌيڪ ملڪن تي ٻڌل ”گروپ آف فرينڊز“ ۾ شامل آهي جنهن جو قيام جي ڊي آءِ جي مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عمل ۾ آندو ويو هو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۾ پا?? چين اقتصادي لنگهه هڪ اهم منصوبو آهي. هن چيو ته پا??ستان 29 ارب ڊالر جي ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي منصوبن تي عملدرآمد ڪيو آهي جنهن سان پا??ستان جي ترقي ۾ اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان ٺوس ۽ وسيع اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي لاڳو ڪرڻ ۽ ا??ن ۽ خوشحالي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ چين ۽ گروپ آف فرينڊز جي ٻين ميمبرن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.