اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي فلسطيني عوام جي لاءِ پاڪستان ??ي مسلسل ۽ واضح حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين انهن کي خودمختياري واري حق جي استعمال جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان ??نهن سان گڏ جدوجهد ۾ بيٺل رهندو. ايوان صد?? جي پريس ونگ پا??ان ??اري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار فلسطيني عوام سان يڪ??هتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ??اريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پاڪستان ??المي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ امن معاهدي تي ڳالهين جي لاءِ فلسطيني رضامندي جي حمايت ڪري ٿو. صد?? چيو ته اڄ عالمي برادري سان فلسطيني عوام سان گڏ يڪ??هتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. ساڍن ستن ڏهاڪن ۾ اسرائيل فلسطينين سان منظم ۽ وڌندڙ زيادتيون جاري رکيون، بيگناهن جو رت وهايو ويو ۽ فلسطينين جو رت وهڻ جو سلسلو اڃا تائين ناهي رڪيو. صد?? چيو ته مسلسل اسرائيلي تشدد جو تازو واقعو هن سال آگسٽ ۾ ڏٺو ويو، جڏهن غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت اٽڪل 50 فلسطيني مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فلسطينين جي خلاف نه رڪجڻ وارو اسرائيلي تشدد، اسرائيل جو فلسطين تي ناجائز قبضو ان ??ڪرار جي ناقابل ترديد حقيقتون آهن. اسرائيل پا??ان والاريل فلسطيني علائقن کي ضم ڪرڻ ۽ انساني قبضي ۽ عالمي قانونن جي منافي آهي. صد?? چيو ته آئون فلسطينين جي لاءِ پاڪستانين جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، طاقت جي زور تي علائقي تي قبضو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي دلين ۽ دماغ تي قبضو نه ٿو ڪري سگهجي. فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستان فلسطينين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ 1967ع کان ??ڳ جي سرحدن جي بنياد تي عالمي نگراني ۾ ڌرين جي وچ ۾ هڪ مقرر ٽائيم فريم ۾ تڪرار جو حل چاهي ٿو ۽ اهو ته اهو اوڀر بيت المقدس جي فلسطيني رياست جي گادي واري شهر جي طور تي مڪمل حمايت ڪري ٿو. صد?? چيو ته پاڪستان ??اريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ هو اڳتي به ان ??ي حمايت ڪندو رهندو.