اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 ڊسمب?? تي ميران شاهه ۾ خودڪش حملي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد عامر، 4 ڊسمبر تي ا??ر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ناصر خان ۽ 26 نومب?? تي لڪي مروت ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار قاسم خان ۽ حوالدار محمد چ??گيز چغتائي جي پونيئرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ تعزيت ??ئي. هن 30 نومبر تي ا??ر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار پروش خان جي والده پڻ سان فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خراج تحسين ۽ ملڪ جي لاءِ جان قربان ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ??ئي.