اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال اپريل کان وفاقي سرڪاري عمارتن ۽ آفيسن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ??ه قابل تجديد ۽ سستي توانائي ذريعن تي دارومدار وقت جي اهم ضرورت آهي، تيل ۽ گئس جو ساليانو درآمدي بل 27 ارب ڊالر ۽ گردشي قرص 2500 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، گذريل 30 سالن دوران ??وانائي جي شعبي ۾ سڌارا نه ڪيا ويا، پي ٽي آءِ حڪومت سستو تيل ۽ گئس خريد نه ڪري ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪي ڇڏيو، اتحادي حڪومت ملڪ جي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي ??هي، آءِ ايم ايف جو پروگرام جاري رکڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار شمسي توانائي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته مهانگي درآمدي ٻارڻ جي ڪري ملڪ کي معاشي مسئلا درپيش آهن، روس – يوڪرين جنگ سان ??يل جي عالمي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنگ جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي گئس جو به بحران پيدا ٿيو آهي، امير ملڪ من پسند قيمت تي گئس خريد ڪري رهيا آهن، اسرندڙ مُلڪ مهانگي اگهن تي گئس خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، گذريل مالي سال دوران ملڪ کي 27 ارب ڊالر جو ٻارڻ ۽ گئس درآمد ڪرڻي پئي، اهو هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ڪورونا وبا دوران ??يل ۽ گئس جون قيمتون گهٽ ٿي ويون هيون پر پي ٽي آءِ جي حڪومت سستو تيل ۽ گئس خريد نه ڪري بدترين غفلت جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ کي معاشي مسئلن طرف ڌڪيو جنهن جو ڪِيتو قوم ڀوڳي رهي ??هي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور ۾ قطر سان گئس جي خريداري جو 15 سال جو 13 ڊالر في يونٽ تي معاهدو ڪيو ويو هو، اڄ دنيا ۾ گئس دستياب نه آهي، تيل جي قيمت تمام وڌيڪ آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان ??باسي جي قيادت هيٺ قائم ڪميٽي ڪجهه مهينن ۾ اهو منصوبو ٺاهيو ته اسان کي شمسي ?? قابل تجديد ذريعن جي استعمال تي ڌيان ڏيڻو پوندو، هوا، پن بجلي ۽ شمسي توانائي جي استعمال سان ??يل جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور ۾ ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيمن تي ڪم شروع ٿيو، ان کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهي ڊگهي مدي وارا منصوبا آهن جن جي لاءِ کربين رپيا گهربل آهن ۽ اهي 6 کان 7 سالن ۾ مڪمل ٿيندا، مسلم ليگ (ن) هزارين ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪري لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، سي پيڪ تحت به ڪيترائي پاور پلانٽس لڳايا ويا، پور?? قاسم ۽ ساهيوال ۾ ڪوئلي سان ??جلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪيا ويا، 2015ع ۾ 20، 20 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ هئي جنهن سان ??رآمدات، صنعتن ۽ زراعت کي نقصان پهتو پر ميان نواز شريف ايل اين جي جا پلانٽس هڻي ان لوڊشيڊنگ کي 2018ع جي اليڪشن کان ??ڳ ختم ڪري ڇڏيو هو. وزيراعظم چيو ته گذريل 30 سالن دوران ??وانائي جي شعبي ۾ ڪي سڌارا نه ڪيا ويا ۽ ان ??ي ذميوار آمريت ۽ سياسي حڪومتون به آهن، اسان کي توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ڪرڻا پوندا، انهي ??ي ڪري گردشيقرض جو مسئلو به پيدا ٿيو، بجلي چوري، لاسز ۽ بلن جي عدم ادائيگي به ان ۾ شامل آهي ۽ اهو هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي، گردشي قرض هاڻي 2500 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي ??ڏهن ته وفاقي پي ايس ڊي پي 700 ارب رپيا آهي ??نهن کان گردشي قرض چنئوڻ تي وڌي چڪو آهي، 8 مهينن جي حڪومت 30 سالن جي خامين کي ختم نه ٿي ڪري سگهي پر شروعات ڪرڻي پوندي ۽ عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو، قوم کي اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته بدانتظامي ۽ ڪرپشن کانسواءِ ڪهڙا چئلينج درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو، بيوروڪريسي جي خلاف به ڪيس ٺاهيا ويا، نيب نيازي ڳٺ جوڙ جو بدترين انتقام ۽ بربريت فاشسزم جي برابر آهي، انهن انتقامي ڪاررواين سان ??رڪاري آفيسرن جي به دل شڪني ٿي ۽ ان ??ان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪيو ويو، عمران نيازي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪيو ۽ ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. وزيراعظم چيو ته 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبي جي شروعات ٿي چڪي آهي، لائين لاسز ۽ بجلي چوري گردشي قرضن ۾ اضافي جا وڏا سبب آهن، مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جون اسان مان ??مام گهڻيون اميدون آهن، عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون، قائداعظم جي اصولن موجب ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ اسان ??و فرض آهي. هن چيو ته قابل تجديد ۽ سستي توانائي ذريعن تي دارومدار وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪوئلي کي به استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، شمسي توانائي جي استعمال سان ??ربين ڊالر جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جون اسان مان ??مام گهڻيون اميدون آهن، مخلوط حڪومت عوام تي بار نه ٿي وجهڻ چاهي پر آءِ ايم ايف سان ??ڳوڻي حڪومت معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي جنهن جي ڪري آءِ ايم ايف به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪڏهن آبادگارن کي يا زرعي شعبي کي سبسڊي ڏيڻي هجي يا ٻوڏ متاثرين جي امداد ڪرڻي هجي ته اسان کي آءِ ايم ايف سان ??جوع ڪرڻو پوي ٿو، آءِ ايم ايف پروگرام کي جاري رکڻ کانسواءِ ڪو چارو نه آهي، اسان کي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي، عوام کي مهانگائي جي بار مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ فوري اهڙا قدم کڻڻا پوندا جن سان ??رعي ۽ صنعتي شعبا ترقي ڪن، اسان کي بچت طرف به وڃڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته عوام تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪرڻ جو فوري قدم شمسي توانائي جو استعمال آهي، بهاولپور ۾ پهرين قائداعظم سولر پارڪ جو اسان ??نياد رکيو هو جنهن جو ٽيرف نيپرا 17 سينٽ کان گهٽ ڪري 13 سينٽ تي آندو هو، اهي ??مو??ا قدم ٽيم ورڪ جو نتيجو هوندا آهن، اسان ??هو منصوبو شفاف طريقي سان لڳايو پر ان ??ي خلاف به بي بنياد ۽ بيهوده پروپئگنڊه ڪئي وئي ڇو ته هڪ لاڏلي کي تيار ڪيو پئي ويو، سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس پنجاب ۾ 56 ڪمپنين جي خلاف ڪارروائي ڪئي پر انهن ڪمپنين جي معاملن ۾ هڪ رپئي جي به ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي ??ڏهن ته قوم جو وقت ضايع ڪيو ويو، اهڙي طرح سرڪاري آفيسرن کي بدنام ڪري ترقي جي رفتار روڪي وئي. وزيراعظم چيو ته سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، متبادل توانائي جي ترقي جو بورڊ ان ??لسلي ۾ ??مو??ي خريداري جو مجاز هوندو ۽ هر وزارت ۽ کاتي جي پنهنجي فنڊنگ هوندي، ان ??ي لاءِ ڪا اضافي رقم به گهربل نه هوندي، ايندڙ سال اپريل کان ??مو??ين وفاقي عمارتن ۽ آفيسن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، ان ??لسلي ۾ واڪ جو ??مو??و عمل شفاف هوندو ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ به ٿيندي، اسان ??ي لاءِ هڪ هڪ ڊالر هن وقت قيمتي آهي ۽ شمسي توانائي تي سرڪاري عمارتن جي منتقلي سان قومي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي، جنهن وزارت جي عملدرآمد جي رفتار تيز ۽ بهتر هوندي ان وزارت جي وزير ۽ سيڪريٽري کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽس ڏنا ويندا. هن چيو ته شمسي توانائي جي لاڳت هن وقت 3 سينٽ في يونٽ آهي، ان ??ان ??ربين ڊالر جي بچت ٿيندي، آبادگارن کي جيڪا بجلي 24 رپيا في يونٽ ملي رهي ??هي ??مسي توانائي تي منتقلي سان 8 رپيا في يونٽ ملندي، اهو اسان ??ي بقاءَ جو معاملو آهي، زراعت، صنعت، ڪاروبار، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن سڀني کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ قومي خدمت هوندي. هن چيو ته صوبائي وڏا وزير، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون حڪومتون به شمسي توانائي جي استعمال کي فروغ ڏين، وفاقي حڪومت ان ۾ مڪمل تعاون ڪندي، اپريل تائين وفاقي حڪومت جي ??مو??ين آفيسن ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو.