ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪي ترقي جي لاءِ بي سهارا ۽ محرو?? ٻارن کي تعليم جي فراهمي لازمي آهي، تعليم سان گڏ ??نه?? ٻارن کي هنر سيکارڻ ۽ ??نه?? جي نشونما جي لاءِ مناسب خوراڪ جي فراهمي کي پڻ يقين?? بڻائڻو پوندو، اجتماعي ڪوششن سان پاڪستان جي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاتون اول”تاري زمين پر“ ايجوڪيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. بيگم ثمينه علوي چيو ته تاري زمين پر ٽرسٽ محرو?? ٻارن خاص طور تي جهُڳين ۾ رهندڙن جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، تاري زمين پر ٽرسٽ بي گهر ماڻهن جو سهارو بڻجي رهيو آهي ۽ ??نه?? کي ڇت جي فراهمي جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ٽرسٽ 250 ٻارن جي تعليم ۽ 29 خاندانن کي گهر فراهم ڪرڻ کانسواءِ ضرورتمند ماڻهن کي ماهوار راشن ۽ اسپتالن ۾ کاڌو فراهم ڪري نيڪ ڪم ۾ حصو وٺي رهيو آهي، ??نه?? خاندانن جا 200 کان وڌيڪ ٻار اڳ کان تعليم پرائي رهيا آهن هاڻي ان ۾ وڌيڪ 36 خاندانن جو اضافو ??يو آهي، اها ڳالهه ساراهه جوڳي آهي ته توهان ??نه?? ماڻهن جي لاءِ نه رڳو رهائش پر ??نه?? جي ٻارن جي تعليم جو بندوبست پڻ ڪري رهيا آهيو. توهان بي گهر ۽ بيروزگار ماڻهن جي لاءِ 36 گهر ٺاهڻ جو مشن شروع ڪيو آهي اهو هن معاشري ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ هڪ سٺي ڪوشش آهي. الله تعاليٰ ??نه?? کي ان نيڪ ڪم جي لاءِ اجر عظيم عطا ڪري. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته محرو?? ٻارن جي لاءِ سرنديءَ وارا ماڻهو جيترو خرچ ڪري سگهن ٿا ڪن، سڀني کي گذارش ڪريان ٿي ته غور ڪن ته اسان پنهنجي معاشري ۾ پٺتي پيل ٻارن جي مدد جي لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون، آئون سمورين فلاحي تنظيمن ۽ معاشري جي خوشحال ۽ سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿي ته اهي پنهنجو وقت ۽ وسيلا ??نه?? ٻارن جي ڀلائي لاءِ عطيو ڪن، جيڪڏهن اسان مان ڪير ٿوري ٿوري به مدد ڪري ٿو ته ان سان ??نه?? ٻارن جي زندگي تي تمام مثبت اثر پئجي سگهن ٿا. ثمينه عارف علوي چيو ته محرو?? ٻارن کي تعليم کان آگاهي ڏيڻ گهرجي ۽ ان جي لاءِ تعليم جي فراهمي يقين?? بڻائڻي پوندي جڏهن ته عورتن کي بااختيار بڻائڻو پوندو. ثمينه عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ ذهني صحت جا ڪيترائي مسئلا آهن ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان وٽ 24 سيڪڙو ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، پوري ملڪ ۾ 400 کان 500 ماهر نفسيات آهن، اسان سڀني کي گڏجي ذهني دٻاءُ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اجتماعي ڪوششن سان پاڪستان ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ لاچار ٻارن ۽ بيواهن کي ڇت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تعمير ڪئي ويندڙ دارالسڪون شيلٽر هومز فيز ٽو جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. ان موقعي تي تاري زمين پر ٽرسٽ جو باني ڪاشف رياض ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فاديه ڪاشف پڻ موجود هئا.