اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آه?? ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سينيٽ آف پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، دن??ا ماحولياتي گدلاڻ ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو به ڪردار نه هجڻ جي باوجود هن جي متاثر ٿيڻ جو ازالو ڪري ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي. قانون واري وزير سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته انهن تقريبن جي موقعي تي معاشري جي مختلف طبقن جي نمائندن جا خيال ٻڌڻ جو موقعو مليو آه??، مشهور ڪاروباري شخصيتن، ناميارن وڪيلن ۽ صحافين جا خيال ٻڌڻ جو موقعو ميسر آيو، هن ايوان کي ڪميٽي آف دي هول ۾ تبديل ڪرڻ جو تصور بهترين هو ۽ سمورن مهمانن کي هتي پنهنجي خيالن جو اظهار جو موقعو ڏيڻ اهم قدم آه??، سينيٽ چيئرمين سڀني کي گڏجي ويهڻ جو موقعو ڏنو ته هو هتي ويهي سينيٽ آف پاڪستان جي 50 سالا تاريخ جو جائزو وٺن ۽ بطور قوم هتي جيڪي مسئلا درپيش آه?? انهن کي بحث هيٺ آڻين. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، سينيٽ جو ڪردار عالمي فورم?? تي نمايان رهيو آه??، پنهنجي موقف کي بيان ڪيو، هن چيو ته عالمي برادري کي اسلام آباد ۾ موجود سفارتڪارن جو هڪ وڏو تعداد هتي موجود آه?? ان جي موجودگي جو فائدو کڻندي آئون عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين جي چئ??ين??ن جو ذڪر ڪندس، گذريل گرمين ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ان جي ڪري ٻوڏ آئي، آئون عالمي سطح تي هي معاملو اڪثر اٿاريندو رهيو آه??ان ته پاڪستان جو عالمي گدلاڻ ۾ هڪ سيڪڙو به حصو ناهي پر اسان ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آه??. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي، اسان سڀني کي پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو، پاڪستان لاءِ هي مشڪل وقت آه??، پاڪستان جي عوام ۽ مملڪت پاڪستان جي بهتري لاءِ اسان سڀ گڏ بيٺل آه??ون.