اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ??مپ??ي کي فوتي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي ڊيٿ انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. انشورنس ??مپ??ي فوت ٿي ويل مڙس پاران ڄاڻي واڻي بيماري لڪائڻ جي عذر تي بيواهه کي انشورنس ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪري ڇ??يو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهو فيصلو شڪايت ڪندڙ شهناز اختر پاران وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيل اپيل کي قبول ڪندي ڏنو جنهن تحت ان ڪيس کي ان بنياد تي بند ڪري اڪلايو ويو هو ته بيواهه کي ان جي مرحوم مڙس جي اڪائونٽ مان ڏيڍ لک رپين جي ڪٽوتي ڪيل پريميئم جي رقم واپس ڪئي وئي آهي ۽ جيئن ته معاملو همدرديءَ جي بنياد تي طئي ٿيو هو، اهڙي طرح ??مپ??ي موت بيمي جي دعويٰ جي ادائيگي جي ذميوار ناهي رهي. وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف شڪايت ڪندڙ صدر وٽ ه?? درخواست داخل ڪئي، جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. پنهنجي فيصلي ۾ صدر قرار ڏنو ته انشورنس ??مپ??ي موت جي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇ??يو ته جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته فوتي لاڏاڻو ڪري وڃڻ کان هڪ سال اڳ کان ذيابيط?? ۽ ??گر جي بيماري ۾ مبتلا هو پر سرٽيفڪيٽ ۾ اهڙو ڪو مدو نه ٻڌايو ويو هو. هن وڌ??ڪ ٻڌايو ته انشورنس ??مپ??ي لاهور جي هڪ اسپتال پاران 2917ع ۾ جاري ڪيل ايڊميشن چارٽر تي دارومدار ڪري رهي هئي جڏهن ته پاليسي سال 2015ع ۾ جاري ڪئي وئي هئي، اهڙي طرح اهو انشورنس جي مدي بابت نه هو. هن سال 2009ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس جهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي اڪثريت پنهنجي زندگي ۾ محتاط رهي ڏهاڪن تائين زندهه رهي ٿي ۽ اهڙي بيمارين کي لڪائڻ دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته انشورنس ??مپ??ي وٽ اهڙي طرح جي ناقص بنيادن تي انشورنس ڪليم کي رد ڪرڻ جو جواز نه آهي. صدر پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ??مپ??ي پاران بدانتظامي ٿي، ان لاءِ وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي کي رد ڪيو وڃي ٿو. صدر انشورنس ??مپ??ي کي وڌ??ڪ هدايت ڪئي ته اها صدر جي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر شڪايت ڪندڙ کي انشورنس ڪليم ادا ڪري.