اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سگريٽ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ ملڪ ۾ سگريٽ جي سمورن ڪارخانن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سگريٽ سازي جي صنعت ۾ خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ، پوائنٽ آف سيلز ۽ مجموعي طور تي ٽيڪس جو ڪاٿو وڌائڻ جي حو??لي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ اد??رن کي هدايت ڪئي ته اسمگلنگ ۽ غيرقانوني سگريٽ جي وڪري جي روڪٿام ۾ ايف بي آر کي هر قسم جو تعاون فراهم ڪيو ??ڃي. هن ملڪ جي سمورن وڏن شعبن ۾ خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته بارڊر ڪراسنگ تي سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن جي ٽينور پوسٽنگ ڪئي وڃي. هن پڇاڻو ڪيو ته سمورين شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ڇو نه هنيو ??يو؟ وزيراعظم شگر ملز تي هيستائين خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه لڳڻ جي لاءِ ذميوارن جو تعين ڪري انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته ٽيڪس چوري ڪندڙ عنصرن ۽ انهن جي ڪارندن کي ڪيفرڪردار تائين پهچايو ??ڃي، ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي چوري ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي حو??لي سان قانوني ۽ عدالتي ڪارروائي کي وڌيڪ تيز ڪيو ??ڃي. اجلاس ۾ سگريٽ جي ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حو??لي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته هن وقت ملڪ ۾ اڪثر فيڪٽرين تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳايو ??يو آهي جڏهن ته باقي تي ان کي لڳائڻ جو عمل جاري آهي، آزاد ڪشمير ۾ موجود فيڪٽرين تي ان کي لڳائڻ جي لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. اجلاس کي ايف بي آر پاران غيرقانوني سگريٽ جي وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ايف بي آر 7 لک نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي پنهنجي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو آهي ۽ هلندڙ سال پنهنجي هدف کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. اجلاس کي شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي حو??لي سان اڳڀرائي تي پڻ آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم سمورين شگر ملز ۾ هيستائين خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه هڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته معيشت جي سمورن وڏن سيڪٽرز ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي لاءِ عالمي شهرت يافته اد??رن جون خدمتون ورتيون وڃن. ان قدم سان ملڪي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ بهتري ايندي ۽ ملڪي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم ايندڙ ٻن هفتن ۾ انهن قدمن تي مثبت اڳڀرائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و فاقي وزيرن اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، مخدوم ??رتضيٰ محمود، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهازيب خان، طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.