لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ?? وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته بادشاهه چارلس ۽ برطانيا جي وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دولت مشترڪه ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ?? وزيراعظم رشي سنڪ سان ملاقات ۾ نئين بادشاهه جي تاج پوشي جي تقريبن جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري تقريبن جي لاءِ شاندار انتظامن تي ٻنهي برطانوي شخصيتن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏ?? ۾ برطانيا جي فراخدلاڻي مدد کي پڻ ساراهيو ۽ ٿورا مڃيا. هن تجويز ڏني ته ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جي سربراهي ٻنهي ملڪن جا سربراهه ڪن. بادشاهه چارلس ٽي ?? برطانوي وزيراعظم رشي سنڪ پ?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جي حوالي سان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ساراهيو.