??سل??م آباد – 13 – جو??اءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??سل??مي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ ب??ئي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ??سل??مي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ??سل??مي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر ۽ ??سل??مي ترقياتي بئنڪ جا پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان عالمي مالياتي اداري سان اسٽينڊ ب??ئي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ??سل??مي ترقياتي بئنڪ پاران ملندڙ هڪ ارب ڊالر به اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چ??و ته ان مدد کانسواءِ پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان معاهدو مشڪل هو. هن چ??و ته ??سل??مي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي هڪ اهم حصيدار آهي جنهن پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. وزيراعظم فرانس ۾ پنهنجي ۽ ??سل??مي ترقياتي بئنڪ جي صدر جي خوشگوار ملاقات جو ذڪر ڪندي چ??و ته پاڪستان ??سل??مي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم صدر ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪا خصوصي طور تي ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. صدر ??سل??مي ترقياتي بئنڪ ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر چ??و ته پاڪستان اسان جو ڀائر ملڪ آهي جنهن سان تعاون جاري رکنداسين. وزيراعظم ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.