اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نئون اسلامي سال شروع ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته محرم الحرام چار مقدس ۽ حرمت وارن مهينن ۾ شامل آهي، سڄي دنيا حرمت وارن انهن چئن مهينن کي امن جي فروغ لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهي ٿي. نبي اڪرم ﷺ هن م??ارڪ مه??ني جي خصوصيت، فضيلت بيان فرمائي آهي. اسلام کان اڳ به هن مه??ني جي حرمت هئي. رسول ڪريم ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه جي شهادت به ان مه??ني ۾ ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ هن مه??ني مبارڪ کي سڀني جي لاءِ خير ۽ برڪت جو سبب بڻائي. عبادتن ۽ روزن جي اهتمام جي توفيق عطا فرمائي.