اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه هوندي، سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين ت?? به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين ت?? به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتا??ي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ، 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن ت?? به لاڳو نه هوندي، 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيو?? حصو ڪاٽي چڪا آهن، انهن تي لاڳو هوندي. 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي قيد جو ٽيو?? حصو ڪاٽي چڪيون آهن، انهن ت?? به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. 18 سال کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيو?? حصو ڪاٽي چڪا آهن انهن ت?? به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.