اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ??جڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو ??ڃي، ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، خساري جي ذميواري جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي تهجيئن ان جي تدارڪ جي ??اءِ قدم کڻي سگهجن?? نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو ??ڃي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پي آءِ اي جي حوالي سان اعليٰ ??طحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، لاڳاپيل اعليٰ ??ملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ??الي صورتحال ۽ نجڪاري جي عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ??يو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته پي آءِ اي جي ??جڪاري ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ??يو آهي. نگران وزيراعظم پي آءِ اي جي ??عاملن تي فيصلاسازي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي ايئرلائين جي ??جڪاري جي عمل کي شفاف ۽ تيز ڪيو ??ڃي ته جيئن ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي ادارن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عوام جي ??يڪسن سان انهن ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آهي، پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ادارن جي ??جڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو ??ڃي. هن چيو ته هوابازي شعبي جي سڌارن سان عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري سگهبيون. خساري جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي تدارڪ جي ??اءِ قدم کڻي سگهجن. نگران وزيراعظم چيو ته نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو ??ڃي.