بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سياسي، ??قتصادي، ??عليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ??قافتي ۽ عوامي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ بيجنگ ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٿيو. ان موقعي تي نگران وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن مضبوط ۽ پراڻي پاڪ چ??ن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، ??قتصادي، ??عليم جي شعبي، ??ائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ??قافتي ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراع??م چيني قيادت کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي صلاحيت جو ذڪر ڪندي نگران وزيراع??م چيو ته اهو منصوبو مواصلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ڪري پوري دنيا جي لاءِ اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏس ۾ پاڪ چ??ن تعاون ۽ معاشي رابطن جي فروغ جي صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ پنهنجي تعمير جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صنعتي ترقي، ??وزگار جي فراهمي جا منصوبا، معدنيات، آءِ ٽي ۽ زراعت جي ترقي شامل آهي. نگران وزيراع??م چيو ته پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ صنعتي صلاحيت وڌندي. وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪ چ??ن لاڳاپن جي فروغ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعميراتي ۽ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي هم آهنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. ٻئي وزيراع??م چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا. انهن شعبن ۾ ڪامرس، مواصلات (ايم ايل ون)، غذائي تحفظ ۽ تحقيق، ميڊيا مٽاسٽا، خلائي تعاون، پائيدار شهري ترقي، ??نعتي تعاون، افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي، معدنيات جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ ويڪسين ٺاهڻ جا شعبا شامل آهن.