لاهور– 17 نومبر (اي پي پي) تعليم واري نگرا?? وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نگرا?? وفاقي حڪومت فني تعليم جي تريق لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان کي پنهنجون سموريون صلاحيتون عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن. ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني تعليم کان سواءِ اسان وٽ ڪا ٻي واٽ ناهي ب??ي. ??و ورچوئل يونيورسٽي ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيچنگ ٽريننگ ڪميشن (نيوٽڪ) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ريڪٽر ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽ?? ۽ نيوٽڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان معزز مهمان جي موجودگي ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي عملدارن سميت ورچوئل يونيورسٽي ۽ نيوٽڪ انتظاميه شرڪت ڪئي. نگرا?? وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ فني تعليم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته نيوٽڪ ۽ ورچوئل يونيورسٽي گڏجي فني تعليم جو دائرو هر ننڍي وڏي وسندي تائين کڻي وڃن.