اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??يبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان ??ي صورتحال ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جسٽس (ر) ارشد حسين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظ?? نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو صوبي ۾ آزاداڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ??دا ڪندو.