دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪوپ – 28 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي تيز رفتار فعالي?? کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي ان اڳڀرائي کي ساراهيو آهي، ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن جي پهرين ڪلاڪ ۾ حيران طور تي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ 575 ملين ڊالر جا واعدا ڪيا ويا، ان ۾ يورپي يونين پاران 225 ملين ڊالر به شامل آهن. هي ڪوپ – 27 ۾ جي – 77 ۽ چائنا گروپ جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان جي اه?? ڪردار کانپوءِ اه?? موقعو آهي، جتي هن لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جو ڪيس رکيو هو. گذريل هڪ سال دوران پاڪستان فنڊ جي آپ??يشنلائيزيشن بابت سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ذميوار عبوري ڪميٽي جي ميمبر طور فعال طور تي مصروف عمل رهيو. اها ڪاميابي ڪمزور ملڪن تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿي. پاڪستاني وفد هڪ بيان ۾ عالمي برادري جي تيز رفتار ردعمل تي خوشي جو اظهار ڪيو جنهن موسميات?? مسئلن بابت چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ فنڊ جي اه??ي?? کي تسليم ڪيو. وڌيڪ اه?? ته اه?? سنگ ميل هڪ گڏيل ڪوشش جي رڳو شروعات آهي ڇو ته عالمي برادري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ وڌندڙ تعاون جي فوري ضرورت تي زور ڏي ٿي. جيتوڻيڪ شروعاتي واعدن ۾ 575 ملين ڊالر ماليت جا اه?? اعلان ٿيا آهن پر اه?? تسليم ڪيو وڃي ٿو ته اه?? تعاون آبهوا جي خطري ۾ ورتل ملڪن کي درپيش بي پناهه چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گهٽ آهي. موسميات سان لاڳاپيل آفتن جي خطرن کي موثر طريقي سان گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جو انتظام ڪرڻ جي لاءِ اضافي مالي امداد ضروري آهي. ڪوپ – 28 جي جاري ڪارروائي ۾ قومن تي زور ڏنو وڃي ٿو ته اه?? موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي مدد جي لاءِ فنڊ ک?? مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي واعدن کي وڌيڪ اضافو ڪن. پاڪستان ان اه?? مسئلي تي اسرندڙ ملڪن کي فعال طور تي شامل ڪرڻ ۽ انهن جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي موثر نفاذ ۽ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري سان تعاون تي ٻڌل ڪوششن جي لاءِ پرعزم آهي.