اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري کي صوبي ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي لاءِ بجلي جي ف??اهمي يقيني بڻائڻ جي هد??يت ڪندي چيو آهي ته آبادگارن جي ڀلائي رياست جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراعظم کي بلوچستان ۾ زر??ي شعبي جي مسئلن ۽ صوبي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي مسئلي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيف سيڪريٽري بلوچستان کي صوبي ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي لاءِ بجلي جي ف??اهمي يقيني بڻائڻ جي هد??يت ڪئي. نگران وزيراعظم صوبائي انتظاميا کي بجلي جي ف??اهمي، آبپاشي ۽ آبادگارن جا ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن جي ڀلائي رياست جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي.