اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ زراعت، ٽيڪنالاجي، تعيلم ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون، سيڙپڪاري ۽ واپاري ر??بطن کي فرو?? ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فرارس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ اٽلي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته اٽلي سان پاڪستان جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن، زرعي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ سياحت ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون کي فرو?? ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اٽلي جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران مثالي تعاون تي ٿورا مڃيا. هن نگران وزيراعظم کي پنهنجي سفارتي مدي ??وران ٿيندڙ اهم اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن اٽلي جي اقتصادي ??رقي ۾ پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم عهدو ڇڏيندڙ سفير جي اڳتي جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.