اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) يوٽيليٽي اسٽورن تي رمضان شريف کان اڳ بنيادي شين تي 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي جي شروعات(اڄ) اڱاري کان ٿي وئي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ??سٽورز جي ترجمان مطابق وزيراعظم طرفان اعلان ڪ??ل عوام جي سهولت لاءِ رمضان شريف جي مهيني ۾ 7.5 ارب رپين جي خصوصي سبسڊي تي بنيادي شين جي فراهمي اڄ کان شروع ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت ان خصوصي پيڪج تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ??ي ذريعي عوام کي 19 بنيادي شيون جن ۾ اٽو، گيهه، کاڄرو تيل، کنڊ، دال، چڻا، اڇي چڻي، بيسڻ، کجي، چانور، چانهه، گ??ام مصالحن، کي?? ۽ ??ربت رعايتي اگهن تي فراهم ڪيون وينديون. ترجمان مطابق يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ??مضان دوران عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سمورن عذائي جنسن جي وافر مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائيندي. ان ڀيري اها رعايت ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي بي آءِ ايس پي ۾ PMT-40 بدرا PMT-60 جي رجسٽرڊ غريب خاندانن کي ملندي ۽ PMT-60 جي سبب 20 ڪروڙ عوام ان پيڪج سان فائدو حاصل ڪندا. نوٽيڪيشن مطابق رمضان پيڪج تحت چانهه جي 800 گ??ام قيمت ۾ 100 رپيا، بيسڻ ۽ کجي جو في ڪ??و قيمت ۾ 50 رپيا، کير جو في ليٽر پيڪ جي قيمت ۾ 30 رپيا، دالين ۽ چانور جو في ڪ??و قيمت ۾ 25 رپيا، ڪوڪنگ آئل جو في ليٽر قيمت ۾ 25 رپيا ۽ شربت جي 800 ملي ليٽر قيمت ۾ 30 رپين جي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.