اسلام آباد ?? 07 ??? مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس نعيم اختر افغان جي بطور جج سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مقرري جي منظوري ڏني. جسٽس نعيم اختر افغان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس نعيم اختر افغان جي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) 13 تح?? ڏني. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس محمد هاشم خان ڪاڪ?? جي بطور و??تي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرري جي پڻ منظوري ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس محمد هاشم خان جي بطور و??تي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 196 تح?? ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس ملڪ ش??زا?? احمد خان جي بطور چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ مقرري جي پڻ منظوري ڏني. جسٽس ملڪ ش??زا?? احمد خان لاهور هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي. صدر مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 (اي) 13 تح?? ڏني.