اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف ع??ي زرداري وفاقي محت??ب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي محتسب تائين پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ کيس وفاقي محت??ب جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ملاقات دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته وفاقي محتسب 2023ع ۾ سرڪاري کاتن جي بدانتظامي جي خلاف رڪارڊ 194099 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي. وفاقي محت??ب جي رپورٽ موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سال 2023ع ۾ شڪايتن تي ڪارروائي ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو، مجموعي شڪايتن مان 193028 جو ازالو ڪيو ويو، سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ شڪايتن جي ا??الي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو. وفاقي محتسب ملاقات ۾ صدر کي محت??ب جي ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته وفاقي محتسب سرڪاري ا??ارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت ڪندڙن کي فوري ۽ بنا معاوضي انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. وفاقي محتسب چيو ته سال 2023ع ۾ 49190 شڪايتون آن لائين مليون، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو، موبائيل ايپ جي ذريعي 22321 شڪايتون مليون جن ۾ سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو. صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته محتسب ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪيسن جو جلد ازالو ڪري رهيو آهي جڏهن ته هو ڏرانهن علائقن تائين پهچ وڌائي رهيو آهي. وفاقي محتسب چيو ته نئين علائقائي آفيسن، کلي ڪچهرين، تڪرارن جي غيررسمي حل ۽ انسپيڪشن ٽيمن جي دورن سان شڪايتن جي ا??الي ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته شڪايتن جي داخل?? ۾ ??ضافو ٿيو. صدر آصف ع??ي زرداري کي ان ڳالهه کان به آگاهه ڪيو ويو ته وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ۾ اوورسيز پاڪستانين جي آفيس رڪارڊ 202367 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي آهي. ان موقعي تي صدر وفاقي محت??ب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زو?? ڏنو.