اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بشام ۾ چيني شهرين تي حملي جي سخت مذمت ڪندي حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب صدر حملي ?? مارجي ويل چيني رهواسين جي گهرڀاتين ۽ چيني حڪ??مت سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان دشمن ق??تون پاڪ – چين دوستي کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿينديون.