اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته سارڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جو عزم اڻٿڪ آهي، پاڪستان سارڪ کي مضبوط ??ڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب سائوٿ ايشين ايسوسيئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن (سارڪ) جي سيڪريٽري جنرل مح??د غلام سرور جيڪو پاڪستان جي پنهنجي پهرين دوري تي آهي، هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس سارڪ جي 15 هين سيڪريٽري جنرل جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته سيڪريٽري جنرل تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، جيئن ته سيڪريٽري جنرل سارڪ جو تعلق بنگلاديش سان آهي، وزيراعظم بنگلاديش جي وزيراعظم جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو ??ظه??ر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ??ڻائڻ جو خواهشمند آهي. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سارڪ ۾ علائقائي ترقي، واپار، تعاون ۽ حصيداري جا تمام گهڻا امڪان آهن. هن سارڪ جي خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو ??ظه??ر ڪيو. هن سارڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان سارڪ کي مضبوط ??ڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. سيڪريٽري جنرل سارڪ شاندار ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ سارڪ کي علائقائي تعاون جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم بڻائڻ جي پنهنجي عزم کان آگاهه ڪيو. هن پنهنجي وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا پڻ مڃيا.