اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??اجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دور?? تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي شامل آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي قومي هيرو اسماعيل ??ام??ني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. وزيراعظم قصرِ ملت جو دورو ڪندو جتي هو تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن ت?? صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان ت??ريب جي پڄاڻ?? تي وزيراعظم ۽ تاجڪ صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. تاجڪ صدر وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.