آستانه – 04 – جو??ائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس گذ??يل ڏهاڪن دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ واڌ کي ساراهيندي گڏيل لاڀائتي تعاون، اقتص??دي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراع??م شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي وچ ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپ??ر ۽ سيڙپڪاري سميت فوجي سهڪ??ر ۽ علائقائي معاملن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراع??م شهباز شريف بيلاروس جي صدر لوڪا شينڪو کي ايس سي او جي ميمبرشپ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان سان ايس سي او کي وڌيڪ مضبوطي ملندي. هن برآمداتي ترقي، عوام جي معاشي طور تي مضبوطي ۽ دوست ملڪن کي سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ وسيلي پاڪستان جي اقتص??دي بحالي جي پاليسي کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي ترقي اتي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) تحت ڪم جي مختلف رخن تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. جڏهن ته وزيراعظم هڪ پرامن ۽ مستحڪم خطي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ خواهشن کان آگاهه ڪيو.