اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذر??ائ??جان جو صدر الهام عليوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ٻئي اڳواڻ ڀاڪر پائي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پاتل ٻن ٻ??رن آذر??ائ??جان جي صدر کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. صدر الهام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. آذر??ائ??جان جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. هو دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يا??دا??تن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.