اسلام آباد -20 جو??اء?? (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف اسلام آباد ۾ پنهنجي گذريل حڪومت ۾ شروع ڪيل ٽيڪنالا??ي پارڪ جي منصوبي جو دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پر??جي??ٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ??اء?? قدم تيز ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري تفصيلن موجب دوري جي موقعي تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلام آباد ٽيڪنالا??ي پارڪ پاڪستان جي عالمي معيار موجب پهرين ڪيٽيگري ٿري جو ٽيڪنالا??ي پارڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، پنجاب ۾ خادم اعليٰ طور ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ تعميراتي ڪم ڪرڻ جو نظام م??عارف ڪرايو هو. هن منصوبي جي جلد تڪميل ??اء?? ان تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ترقي جي بلندين تي پهچائڻو آهي، ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. بذات خود ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان کي ترقي جون منزون طئي ڪرڻيون آهن ته سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. پروجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وزارت هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ??اء?? قدم تيز ڪن. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ٽيڪنالا??ي پارڪ سان ملڪي ۽ غير ملڪي اڪيڊميا تحقيق ڪندڙ، صنعت ۽ منصوبا سازن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالا??ي پارڪ جي تعمير سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ساليانو 70 ملين ڊالرن جي واڌ ٿيندي، ٽيڪنالا??ي پارڪ جي تعمير سان 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم نئين منصوبي ??اء?? ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي اسلام آباد ٽيڪنالا??ي پارڪ جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ منصوبي جي حوالي سان بر??فن?? ڏني وئي. ٽيڪنالا??ي پارڪ جو منصوبو 14.9 ايڪڙ ايراضي تي تعمير ڪيو پيو وڃي. بر??فن?? ۾ ٻڌايو ويو ته هن منصوبي ۾ عالمي معيار جي ڊيٽا سينٽر به تعمير ڪيو پيو وڃي. دوري دوران سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه به وزيراعظم سان گڏ هئي.