??سل??م آباد-16 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي م??مبر سحر ڪامران چيو آهي ته پاڪستان ۽ روسي فيڊريشن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، ٻئي م??ڪ واپاري، توانائي ۽ سفارتڪاري جهڙن شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون جي م??قعن کي فعال طور تي ڳولي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپار، توانائي ۽ سفارتڪاري سميت سمورن رخن ۾ لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻنهي م??ڪن وچ ۾ گڏيل تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، روس توانائي جو هڪ وڏو ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ آهي ۽ پاڪستان ان کان تيل ۽ گئس جي وسيلن مان فائدو کڻي سگهي ٿو، اهڙي طرح پاڪستان روس کي علائقائي رابطن ۽ واپاري راهداري فراهم ڪري سگهي ٿو. سحر ڪامران چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ مسلسل اعليٰ سطحي رابطن ۾ پاڪ روس سفارتي لاڳاپن ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي. هن ??سل??م آباد ۾ روس جي سفير البرٽ خوريف طرفان يوم آزادي تي مبارڪن جي خط جو حوالو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو ته روس پاڪستان س??ن پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، روسي سفير پنهنجي خط ۾ چيو ته ماسڪو ۾ پاڪستاني جهنڊي جي رنگن کي ڏسي واقعي خوشي ٿي، هي ٻنهي م??ڪن وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن ۽ دوستي جي مضبوط رشتن جي عڪاسي ڪري ٿو. روس جي سفير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته روس ۽ پاڪستان س??لن کان دوست رهيا آهن ۽ مون کي يقين آهي ته اسان پنهنجي پهرين کان مضبوط ۽ نتيجا ڏيندڙ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچندي ڏسنداسين ۽ ٻنهي م??ڪن کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي.