ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يوني??رس??ي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يوني??رس??يءَ جُون پٿر جون ٺهيل قديمي عمارتون ملڪ جي زندهه تاريخ آهن، انهن کي محفوظ ڪيو وڃي.
اھڙو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ مدرسته الاسلام جي 140هين قيام جي ٽن ڏينهن واري تقريب جي آخري ڏينهن تي سنڌ مدرسته الاسلام يوني??رس??ي ۾ ڪافي هائوس جو افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو.
ان موقعي تي هن چي?? ته اسان سنڌ مدرسة الاسلام يوني??رس??يءَ جي 124 سال پراڻي عمارت ٽالپر هائوس (جول??ءِ 1901ع ۾ ٺهيل) جي بحاليءَ وارو ڪم ڪرڻ تي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ کي ساراهيون ٿا ۽ اميد ڪريون ته ٿا اي ايف ٽي سنڌ مدرسته الاسلام يوني??رس??ي جي مک عمارت جي مرمت جو به ڪم ڪندي، جيڪا 1890ع ۾ تعمير ٿي هئي ۽ جتي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ابتدائي تعليم حاصل ڪئي هئي.
وائيس چانسلر يوني??رس??ي جي ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو انگريزن جي دور ۾ ٺهيل سنڌ مدرسته الاسلام يوني??رس??ي جي پراڻين عمارتن جي سار سنڀال ڪن ڇ?? ته هن تاريخي عمارت جي سار سنڀال ۽ حفاظت اسان جي گڏيل ذميواري آهي.
حسن علي آفندي لائبريري جي عمارت بابت ڳالهائيندي هن چي?? ته جيتوڻيڪ اها لڳ ڀڳ 126 سال اڳ 1898ع ۾ خيرپور ميرس جي ٽالپر حڪمرانن جي مالي سهڪار سان پرنسپال جي بنگلي جي طور تي تعمير ڪئي وئي هئي، پر پوءِ 1985ع ۾ ان کي لائبريري ۾ تبديل ڪيو ويو هو. اڄ به ان جي سار سنڀال جي ضرورت آهي ۽ لائبريري مان فائدو حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ ٻين ماڻهن کي گهرجي ته هو ان عمارت کي ڪنهن به طرح ڪو نقصان نه پهچائين. هن شاگردن کي هدايت ڪئي ته اهي پراڻين عمارتن جو خيال رکن، جيڪي سنڌ مدرسته الاسلام جي سڃاڻپ آهن. ڊاڪٽر مجيب صحرائي وڌيڪ چي?? ته ڪافي هائوس سنڌ مدرسته الاسلام يوني??رس??ي جي سهولتن ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. ڪافي هائوس آفيسرن، استادن ۽ شاگردن جي ل??ءِ آهي، ڇاڪاڻ جو انهن کي اهڙي سهولت جي ضرورت هئي. هن چي?? ته ڪافي هائوس يوني??رس??ي جي هڪ خالي ج??ءِ تي قائم ڪيو ويو آهي، جيڪا ج??ءِ خان بهادر حسن علي آفندي لائبريري جي ڀرسان هئي.
تقريب ۾ مختلف تعليمي شعبن جي ڊين، چيئرپرسن، فيڪلٽي، آفيسرن، ٻين ملازمن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.