اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي دفاع لاءِ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن، شهيدن ?? ٻين ما??هن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏي??هن آئون پوري قوم سان گڏجي پاڪ فوج جي جوانن، شهيدن ?? انهن سمورن ما??هن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن پاڪستان جي دفاع لاءِ بهادري سان جنگ وڙهي. هن چيو ته اچو اڄ جي ڏي??هن اسان پنهنجي شهيدن ?? غازين جي جذبي جي تجديد ڪندي پاڪستان جي دفاع ۽ نئين سر تعمير جي وچن جو ورجاءُ ڪريون ۽ پنهنجي قائد محمد علي جناح جي ويزن موجب محنت ۽ ديانت جي قدرن کي اختيار ڪندي پياري پاڪستان جي روشن مستقبل طرف قدم وڌا??ون.