اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان سان ??اڪستان جي اُڀرندڙ ريسلر اطهر زاهد ملاقات ڪئي جيڪو 4 آڪٽوبر تي نيپ??ل ۾ ٿيندڙ عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ان ??وقعي تي چيئرمين، اطهر زاهد جي عزم ۽ محنت جي تعريف ڪئي ۽ ان ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطهر زاهد جيڪو ڀارتي ريسلر سنگهم دوبي سان ??قابلي لاءِ پُرعزم ??هي?? چيو ته هو ڀرپور محنت سان ??اڪستان ??اءِ هي ٽائٽل کٽڻ لاءِ ت??ار آهي. چيئرمين، پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان رانديگرن جي حمايت حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن هو عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ نيپ??ل ۾ منعقد ٿيندي ۽ پاڪستاني عوام اطهر زاهد جي ڪاميابيءَ لاءِ پُراميد آهي. چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ راندين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهيون ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ٽيلنٽ هنٽ اسپورٽس پروگرام ڪم ڪري رهيو ??هي?? جنهن ۾ سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلنٽ کي چونڊيو ويندو ۽ ان کي بهترين تربيت فراهم ڪئي ويندي.