نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئ??يج??گ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائ?? تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان جي 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت جي حوالي سان 37 مهينن جي ڪامياب اسٽاف ليول معاهدي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئ??يج??گ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جي ملاقات ٿي. پاڪستان جي 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت جي حوالي سان 37 مهينن جي ڪامياب اسٽاف ليول ايگريمنٽ جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون کي ساراهيندي وزيراعظم اداراجاتي سڌارن جي لاڳو ۽ نجي شعبي جي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم کي اج??گر ڪيو. وزيراعظم آءِ ايم ايف جي فنر مدد ۽ صلاحيت سازي جي پروگرامن کي پڻ ساراهيو جنهن سان ملڪ جي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي معاشي انتظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. آءِ ايم ايف جي مئ??يج??گ ڊائريڪٽر پنهنجي اداري پا??ان پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ جامع ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دو??ان هن موسمياتي تبديلي جي لاءِ موافقت جي مالي مدد کي متحرڪ ڪرڻ جي فوري ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاسن دو??ان ناڻي واري وزير کي آءِ ايم ايف جي سينيئر انتظاميا سان ان اهم مسئلي کي اٿار?? تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بنائ?? تي اتفاق ڪيو.