اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ??يڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ اع??يٰ سطح جو سعودي وفد 9 کان 11 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي ??عبي جي ??دارن جا نمائندا شامل هوندا. هن چيو ته سعودي وفد جي ??در ۽ وزيراعظم سان ملاقات طئي آهي، ان دوري جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري کي مثبت تحرڪ ڏيڻ آهي. ترجمان چيو ته هي دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان جي وچ ۾ اپريل 2024ع ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ طئي ٿيندڙ مفاهمت کانپوءِ ٿي رهيو آهي.