اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن هتي الواريز اينڊ مارسل جي ساورن مشاورتي خدمتن جي ايم ڊي رضا باقر سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق ??ي اينڊ ايم عالمي پيشيوراڻي خدمتون ف??اه?? ڪندڙ ناليواري ڪمپني آهي، پاڪستان حڪومت، پاڪستان ساورن و??لٿ فنڊ جي قيام کانپوءِ ان جي فعاليت لاءِ اي اينڊ ايم سان مشاورتي خدمتن جي ف??اه??يءَ جو معاهدو ڪيو هو. ملاقات ۾ رضا باقر ۽ سندس ٽيم پنهنجي حڪمت عملي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها حڪمت عملي پاڪستان ساورن و??لٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع تحت ڏنل ذميوارين مطابق ??رتيب ڏني وئي آهي. فنڊ جي قيام جو مقصد ملڪ جي مالي استحڪام کي بهتر بنائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزير اي اينڊ ايم جي خدمتن ۽ رضا با??ر جي مهارت کي سا??اه??و ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس مشاورت پاڪستان کي د??پي?? معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ف??اه?? ڪندي.