اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) وچ ايشي??ئي رياست تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده شنگه??ئي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن پاڪستان پهچي ويو آهي. اسلام آباد جي عالمي هو??ئي اڏي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين مهمان وزيراعظم جو شاندار ريڊ ڪ??رپ??ٽ استقبال ڪيو.
ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستا پيش ڪيا. تاجڪ وزيراعظم جي آمد جي موقعي تي واپار واري وزير ۽ مهمان وزيراعظم وچ ۾ خيرسگالي جون ??ال??يون به ٿيون. پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفارتخاني جون اعليٰ سفارتي اختياريون به موجود هيون. تاجڪستان جي وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائق??ئي سهڪار ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي شرڪت سان علائق??ئي امن جون اميدون وڌي ويون آهن.