اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر ??صف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي ع??ام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. قومي اسيمبلي ۾ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر ??صف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي ع??ام کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان صدر ??صف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سميت اڳوڻن اسپيڪرن جن علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدنکي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران مڪمل حمايت جي عزم جي اظهار کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سمجهي ٿو ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جهڙو ڪو وڏو ايونٽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ ??هم سنگ ميل آهي، هي ايوان حڪومت کي سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابين تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي ايوان سمجهي ٿو ته ايس سي او سربراهه اجلاس سان پاڪستان جو مثبت تشخص اڀريو آهي. ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد سان پاڪستان کي ع??ائقائي واپار ۾ مدد ۽ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملندو. هي ايوان شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سلامتي جي مسئلن تي اهم ڪردار کي تسليم ڪري ٿو. هي ايوان سمجهي ٿو ته پاڪستان خطي جو اهم ۽ متحرڪ ملڪ آهي، خطي جي اهم علائقائي ۽ سلامتي جي مسئلن تي ايس سي او ڪا??فر??س ۾ پاڪستان جو مضبوط موقف پاڪستاني قوم جي ترج??ان?? آهي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان پاڪستان حڪومت، پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سمٽ جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ ??هم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ايس سي او ڪا??فر??س جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر کي خوبصورتي سان سجائڻ، مه??ان?? جي آجيان ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وقار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ ??مورن حڪومتي ادارن جي خدمتن کي ساراهي ٿو. هي ايوان ايس سي او سمٽ ۾ مه??ان?? جي پاڪستان اچڻ کان وٺي انهن جي رخصتي تائين جن ادارن ۽ آفيشلز پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، انهن سڀني کي پوري قوم پاران خراج تحسين پيش ڪري ٿو. بعد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي.