اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خ??ن ضلعي ۽ بنون ضلعي ۾ د??شتگرد حملن ??ي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خ??ن ضلعي جي علائقي درازنده ۾ خوارجي دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن کي خراج عق??دت پيش ڪيو ۽ بنون ضلعي ۾ د??شتگرد حملي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن ??ي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.