اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏ??ن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ٿڌ رهڻ ج?? امڪان آهي، جڏ??ن ته گلگت بلتستان ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات، بلند ۽ مٿانهين وارن جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏ??ن ته سنڌ ۾ گرم رهي جڏ??ن ته اسلام آباد، پوٺوهار خطي، گلگت بلتستان، اپر خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گ??مي پد سبي، ٽنڊو ڄ??م ۾ 40، مٺي، حيدرآباد، لسٻيلو، تربت ۽ ??هي?? بينظير آباد ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.