رياض – 24 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي ??رب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته امت کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ عالم اسلام ۾ اتحاد اڻٽر آهي، خطي ۾ امن ۽ مسلما?? ملڪن ۾ اتحاد لاءِ پاڪستان جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪشمير مسئلي سميت سمورن ت??را??ن کي ڳالهين جي ذريعي پرامن طور تي حل ڪرڻ گهرجي، سعودي ??رب ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو، پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سعودي ??رب هر ممڪن تعاون جاري رکندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن شاهي محل ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.