اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪراچي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن سا?? سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي مشڪلاتن کان حڪومت مڪمل آگاهه آهي، ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ جلد منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي را??طي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري ره??و آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سا?? مسلسل را??طي ۾ آهيان، ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويو?? آهن، متاثرين کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن جي فراهمي جو به حڪم ڏنو آهي.