اسل??م آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي باباءِ قوم قائداعظم محمد عل?? جناح جي يوم وفات جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته قائداعظم محمد عل?? جناح رح هڪ عظيم اڳواڻ ۽ ذهانت ۽ فراصت جو بهترين پيڪر هو، محمد عل?? جناح رحه پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪندي ڌ??ر ملڪ جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي ک??ڊ پاڪ هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو، پوري قوم پاڪستان جي باني ??ي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، قائداعظم محمد عل?? جناح رح جي تعليمات ۽ ان جي فرمانن جي اهميت موجوده دور جي مسئلن کي سامهون رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن.