اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪستان ليبيا سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو وڏو قدر ڪري ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن ليبيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) رشاد جاويد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر عارف علوي چيو ته پ??ڪستان ليبيا سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، نامزد سفير ليبيا سان واپاري لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ?? ترقي لاءِ ڪم ڪري.